برطانيا سياحت لاءِ ويندڙ به ڪمائي سگهندا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال 31 جنوري کان برطانيا پنهنجي ويزا قانونن ۾ تبديليون ڪري رهيو آهي.

انهن تبديلين بعد برطانيا ۾ سياحتي ويزا تي ايندڙ ماڻهو سڄي ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ به حصو وٺي سگهندا.

سياحتي ويزا تي برطانيا ايندڙ ماڻهو هاڻي ملڪ ۾ ڪلائنٽس سان ڪم ڪرڻ جي سرگرمين ۾ حصو وٺي سگهندا ۽ برطانيا ۾ رهندي ريموٽ ورڪ ڪري سگهندا.

برطانيا طرفان هن قانون کي آڻڻ جو مقصد سڄي ملڪ ۾ سياحت ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ آهي.

اهڙي ريت برطانوي حڪومت طرفان اميگريشن قانونن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي جنهن بعد وزيٽر ويزا تي ايندڙ ماڻهو 31 جنوري بعد پنهنجون سرگرميون وڌائي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.