آصف زرداري جو ڪمال: ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ پيپلزپارٽي ۾ شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جهنگ ۾ مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ جا اهم اڳواڻ آصف زرداري سان ملاقات ڪري پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويا آهن.

آصف علي زرداري ۽ جهنگ سان واسطو رکندڙ اين اي 109 جي حيدر بخاري پيءُ شهريار بخاري، نواب طاهر سيال ۽ ناصر عباس سيال جي ملاقات ٿي، جنهن بعد حيدر بخاري پي ٽي آءِ ڇڏي پنهنجي پٽن ۽ ساٿين سميت پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.

جهنگ سان واسطو رکندڙ فهيم احمد خان به آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن پڻ ن ليگ کي ڇڏي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.