سپريم ڪورٽ 62 ون ايف تحت سياستداننن جي تاحيات نااهلي ختم ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح جو فيصلو ٻڌائيندي تاحيات نااهلي ختم ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مختصر فيصلو ٻڌايو، فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي ختم ڪري ڇڏي ۽ اهو فيصلو 1-6 جي اڪثريت سان ٻڌايو ويو.
عدالت سميع الله بلوچ نااهلي ڪيس جي فيصلي کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ قرار ڏنو ته سياستدانن جي نااهلي تاحيات نه هوندي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ايڪٽ تحت نااهلي جو مدو 5 سالن تائين آهي، نااهلي جي مدي جو قانون جاچڻ جي ضرورت ناهي، 62 ون ايف جي تشريح عدالتي ڊيڪلريشن ذريعي آئين کي ريڊ ان ڪرڻ آهي، ڊيڪلريشن ڏيڻ جي حوالي سان قانون جو ڪو پراسيس موجود ناهي.
فيصلي موجب آرٽيڪل 62 ون ايف ۾ داخل ناهي ته ڪورٽ آف لا ڇا آهي، آرٽيڪل 62 ون ايف واضح نٿو ڪري ته ڊيڪلريشن ڪنهن کي ڏيڻي آهي، آرٽيڪل 62 ون ايف ۾ داخل ناهي ته نااهلي جو مدو ڪيترو هوندو؟ اهڙو ڪو قانون ناهي جيڪو واضح ڪري ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي جو طريقي ڪار ڇا هوندو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اهڙو ڪو قانون ناهي، جيڪو واضح ڪري ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي ڇا هوندي؟ اهو به واضح ناهي ته 62 ون ايف تحت نااهلي فيئر ٽرائل ۽ قانوني گهرجن موجب آهي يا نه.
جسٽس يحيٰ آفريدي فيصلي سان اختلاف ڪيو ۽ چيو ته 62 ون ايف تحت نااهلي تاحيات به ناهي، نااهلي عدالتي فيصلو موجود هجڻ تائين آهي، سميع الله بلوچ فيصلو درست هو.
چيف جسٽس چيو ته چونڊ شيڊيول جاري ٿيڻ کانپوءِ ضروري هو ته اهو فيصلو فوري طور ٻڌايو وڃي ها، سمورن وڪيلن ۽ اٽارني جنرل جي اچڻ تي ٿورا مڃان ٿو.
واضح رهي ته چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 7 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي هئي ۽ فيصلو 5 جنوري تي محفوظ ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.