11 سئو رپين ۾ خريد ڪيل گلدان 3 ڪروڙ رپين ۾ نيلام

تصور ڪريو ته اوهان 11 سئو رپين جو هڪ گلدان خريد ڪيو جيڪو ٽن ڪروڙ رپين ۾ نيلام ٿي وڃي ته پوءِ؟
اهو حيران ڪندڙ واقعو آمريڪا ۾ هڪ عورت سان پيش آيو.
جيسيڪا وينيٽ نالي عورت ورجينيا رياست جي Hanover ڪائونٽي جي دڪان تي 4 ڊالرن جو شيشي سان ٺهيل گلدان خريد ڪيو هو.
عورت هڪ انٽرويو ڏيندي ٻڌاي ته کيس لڳو هو ته ان گلدان جي اصل قيمت وڌيڪ هوندي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته مون کي لڳندو هو ته ان جي قيمت هڪ کان 2 هزار ڊالرز ٿي سگھي ٿي پر کيس ٿوري تحقيق کان پوءِ خبر پئي ته اهو ڪيترو مهانگو آهي.
هن ان گلدان جي هيٺان ايم کي لکيل ڏٺو ته کيس شڪ ٿيو ته اهو اٽلي جي هڪ جزيري Murano ۾ ٺهيو هوندو.
اهو جزيرو شيشي جي شين جي تياري جي حوالي سان سڃاتو ويندو آهي.
ان کي ڏسي هن ان گلدان کي خريد ڪري ورتو ۽ پوءِ انٽرنيٽ تي ان بابت سرچ ڪيو.
انٽرنيٽ تي عورت کي ماڻهن ٻڌايو ته اهو گلدان مشهور اطالوي آرڪيٽيڪٽ ڪارلواسڪارپا جي ڪم سان ملندڙ ملندڙ آهي.
ان کان پوءِ عورت گلدان جي تصوير ڪڍي هڪ نيلام گھر کي موڪلي، جنهن جي صدر رچرڊ رائٽ جيسيڪا ونسينٽ سان فوري رابطو ڪيو.
رچرٽ وائٽ ٻڌايو ته جيئن ئي آئون گلدان جي تصوير ڏٺي ته مون کي سٺو محسوس ٿيو.
ان نيلام گھر دريافت ڪيو ته اهو گلدان 1940ع جي ڏهاڪي ۾ ڪارلواسڪارپا جي تيار ڪيل Pennellate سيريز جو حصو آهي.
ان دريافت کان پوءِ اهو گلدان يورپ جي هڪ گمنام فرد هڪ لک 7 هزار 100 ڊالرز (3 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ خريد ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.