اسلام آباد: وڪيل جي ڪوٽ ۾ موجود موبائل فون ڦاٽي پيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ڪچهري ۾ وڪيل جي ڪوٽ ۾ موجود موبائل فون ڦاٽي پيو.
اسلام آباد ڪچهري ۾ موجود وڪيل جي ڪوٽ ۾ موبائل فون ڦاٽي پيو، جنهن جي کيس خبر نه پئي پر موبائل فون مان دونهون نڪرڻ تي وڪيل ڪوٽ لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيو.
متاثر وڪيل ٻڌايو ته موبائل فون کيسي ۾ وڌل هو، اوچتو محسوس ٿيو ته دونهون نڪري رهيو آهي.
هن ٻڌايو ته رات جو ان کي مڪمل چارج ڪيو هو ۽ پاور بئنڪ به نه لڳل هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.