ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان مان ايندڙ خالي ڪنٽينر جي اسپيئر ويل مان 70 ڪلو چرس برآمد ڪيو ويو.
ڪليڪٽر ڪسٽمز انفورسممينٽ ڪراچي جي عملي بلوچستان کان ڪراچي پهچندڙ خالي ڪنٽينر جي اسپيئر ويل مان 70 ڪلو چرس برآمد ڪيو.
ڪسٽم اختيارين موجب گذريل رات ڪراچي ۾ ناردرن باءِ پاس جي ڪچي جي علائقي ديهه مائي گاڏي مان گذرندڙ ٽرالر جي شڪ جي بنياد تي تلاشي ورتي وئي ته ان تي خالي ڪنٽينر لوڊ هو.
اختيارين ٻڌايو ته عملي ٽرڪ جي تفصيلي جاچ ڪئي ۽ ٽرڪ جي ٽول باڪس حصي ۾ موجود اسپيئر وهيل کي چيڪ ڪيو ويو ته ان مان چرس جا 57 پيڪيٽ برآمد ٿيا، جن جو ڪل وزن 70 ڪلو گرام ۽ ماليت هڪ ڪروڙ 5 لک رپيا آهي.
اختيارين موجب برآمد چرس ۽ ٽرالر کي ضبط ڪري ٽرڪ تي سوار ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن خلاف منشيات روڪ ۽ ڪسٽم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like