ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ پارو ڪاٽو 3 ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ به ٿڌ وڌي وئي.
موسميات کاتي موجب سڄي سنڌ ۾ موسم خشڪ ۽ رات جو ٿڌ وڌڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته صبح جو جابلو علائقن ۾ ڪوهيڙو هوندو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ ۽ رات جو ٿڌ وڌڻ جو امڪان آهي، شهر جو گهٽ کان گهٽ پارو 15.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي پر اهو 13 ڊگري تائين ڪِرڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي جو وڌ کان وڌ پارو 28 کان 30 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، هوا ۾ گهم جي شرح 50 سيڪڙو آهي، جڏهن ته اوڀر کان هلندڙ هوائن جي رفتار 10 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي.
هوڏانهن ڪوئيٽا ۾ گهٽ کان گهٽ پارو ڪاٽو 3 ۽ قلات ۾ ڪاٽو 5 رڪارڊ ڪيو ويو.
You might also like