الزامن کان آجي چونڊ وارو سوال!

آفتاب سليمان لغاري

ھن وقت سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون ھاڻ ڪنهن حد تائين 8 فيبروري تي ئي ٿيندي نظر اچي رھيون آهن توڙي جو گذريل جمعي واري ڏينهن کان پھرين ته اھا وڏي بيچيني پکڙيل ھئي ۽ غيريقيني واري صورتحال پيدا ٿي چڪي ھئي پر گذريل جمع واري ڏينهن ئي ملڪي عدالت عظمي يعني سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران فوري طور چونڊ ڪميشن کي پابند ڪندي اھو فيصلو ڏنو ته اڄ جو اڄ چونڊن جو شيڊيول جاري ڪيو وڃي ۽ تنهن بعد ساڳئي ڏينهن رات ٻارنهن وڳي کان اڳ چونڊ شيڊيول جاري ڪيو ويو. چونڊ شيڊيول جاري ٿيڻ کانپوءِ  ملڪ جي سياسي وايومنڊل ۾ سياسي سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي نظر اچي پئي.

ھن سموري صورتحال ۾ وري به اھم ڳالهه اھا آهي ته ڇا ھن ڀيري ملڪ ۾ ھي عام چونڊون صاف ۽ شفاف ٿي سگھنديون؟ ڇا چونڊ عمل کانپوءِ  جيڪا به سياسي جماعت اقتدار جي واڳ ڌڻي ٿيندي ڇا ٻين سياسي جماعتن پاران بطور مخالف ڌر انهيَ پارٽي جي مينڊٽ کي قبول ڪيو ويندو؟ ڇا ھي چونڊون سمورن الزامن کان آجيون چونڊون ٿي سگھنديون؟ ھتي انھن سوالن سان گڏ ھڪ اھم سوال اھو به اٿي ٿو ته ڇا ھن ڀيري ملڪي عوام جنهن گذريل دور حڪومتن ۾ مھانگائي سميت کوڙ ٻين ڏکيائين ۾ ڀوگيو آهي اھي ھاڻ پنهنجي چونڊيل نمائندن  کان سوال ڪرڻ جي سگھه ساري سگھندا؟ يا ماضي جيان تڏي تي ڪھي اچڻ کانپوءِ  سياسي نمائندن جي ڪوڙن دلاسن جو شڪار ٿي ھڪ ڀيرو وري به پنهنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھڻي ويھي رھندا؟. سڀ کان پھرين ته اھو سمجهڻ ضروري آهي ته عام چونڊون صاف ۽ شفاف ٿين ٿيون ته پوءِ  ته سمورين سياسي شراڪتدار جماعتن لاءِ  اھو ضروري آهي ته اھي عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪن ۽ ھڪٻئي سان سياسي اختلاف باوجود کين ايترو ته پنهنجي اندر برداشت جو مادو ضرور پيدا ڪن جو ھو عوامي مينڊٽ تي چونڊيل نمائندن کي قبول ڪن ۽ چونڊجي آيل نئين سرڪار کي ملڪي مسئلا حل ڪرڻ جو موقعو ڏين ته جيئن جمھوري نظام پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري سگهي. پر اھو ايڏو نه رڳو ڏکيو پر ڪنهن حد تائين پنهنجي ملڪ ۾ ته ناممڪن ئي نظر ٿو اچي ته ڪو ھن ڀيري به ھي 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊون سئو سيڪڙو صاف ۽ شفاف ٿي سگهنديون ۽ سمورن تڪرارن،  ڌانڌلي وغيره جي الزامن کان مڪمل آجيون ٿي سگهن،  تنھنڪري جڏهن اھڙو ڪو ماحول ئي جڙڻ ممڪن ئي نه ھجي جنهن ۾ اھا اميد ڪٿي ڪو ساھ کڻندي ھجي ته چونڊ عمل ۾ سڀ کان وڌيڪ اھميت جو حامل فقط ۽ فقط عوام جو ووٽ ئي ھوندو ته پوءِ  ان صورت ۾ ظاھر آهي مينيج ٿيل چونڊون ۽ چونڊ بدران سليڪشن ٿيڻ وارا الزام لڳڻ جو سلسلو شروع ٿيڻو آهي ۽ اھو سلسلو ڪنهن حد تائين ھن وقت کان ئي شروع ٿي چڪو آهي. دراصل ھر شئي جيان ملڪ ۾ سياست به ھاڻ سياستدانن جي ڪيل ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران شارٽ ڪٽ رستن ذريعي اعليٰ ايوانن تائين رسائي جو شڪار ٿي چڪي آهي.

انهيَ ڪري موجوده صورتحال ۾ جن سياسي جماعتن کي ھوائون انهن جي سياسي مفادن جي مخالف ڏس ۾ گھلندي نظر پيون اچن ته اھي سياسي ڌريون پنھنجا خدشا ظاھر ڪن پيون ڇاڪاڻ ته گذريل ڏھن سالن جي ملڪي سياسي صورتحال ۾ پاڻ کي ملڪ ۾ اھا ئي سياستدانن جي پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ نظر آئي آهي ته جيڪا به ڌر اقتدار ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي پوي ٿي ته پوءِ  ھن لاءِ  سڀ ڪجهه صحيح آھي، پوءِ  اھي ساڳيا سياسي اڳواڻ جيڪي چونڊ جي دوران يا وري جڏهن ھو اقتدار کان ٻاھر ھوندا آهن تڏهن ته ھر صورت پنهنجي پاڻ کي عوام جو ھڏڏوکي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر افسوس! جو اقتدار ۾ ايندي ئي کائن اھو سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي،  پوءِ  انهن لاءِ  عوامي مسئلا ڪا به معنيٰ ناھن رکندا شايد انهن لاءِ  عوام جي حمايت ۽ ھمدردي فقط اقتدار تائين پھچ جو ئي ذريعو ھوندي آهي،  باقي اھي ھر دور ۾ عوام سان ڪيل واعدا وفا ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا آهن. ھاڻ گذريل حڪومتن ۾ جيڪي زيادتيون عوام سان ٿيون آهن، جيڪي جيڪي تڪليفون ملڪي عوام ڀوڳيون آهن انهن جي حساب ڪتاب جو ھاڻ وقت اچي ويجهو پھتو آهي،  تنھنڪري ھاڻ ضرورت انهيَ ڳالهه جي آهي ته ھر فرد پنهنجي پاڻ کان اھو سوال ضرور ڪرڻ گھرجي ته جن ماڻهن کي پوئين چونڊ ۾ ووٽ ڏنو ڇا انهن ان ووٽ جو ڀرم رکيو؟ ڇا اسان جي اميدن ته اھي ماڻهو پورا لٿا؟

جيڪڏهن اسان جو ضمير انهن ماڻهن جي ڪارڪردگي مان مطمئن ھجي ته پوءِ  ڀلين اسان وري به انهن کي ئي ووٽ ڏيون پر جيڪڏهن اڄ اسان وٽ پيئڻ لاءِ  صاف پاڻي به ميسر نه ھجي، صحت، تعليم سميت اسان جي بنيادي ضرورتون اسان لاءِ  ھر گھڙي اڻلڀ بڻيل ھجن ته پوءِ  وري به ساڳين ئي سياسي نمائندن تي اعتبار ڪري اسان کي پنهنجي پاڻ سان،  پنهنجي ايندڙ نسل سان وري اھا زيادتي نه ڪرڻ گھرجي. ھاڻ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سياسي هلچل ۾ واڌ ٿيڻي آهي ملڪ اندر عام چونڊ جو پنهنجي مقرر وقت تي ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي پر جمھوريت جون پاڙون مضبوط بڻجڻ رڳو ايترو ڪافي ناهي پر ان لاءِ  اھو پڻ انتھائي ضروري آهي ته ملڪ ۾ ھر صورت سموري چونڊ عمل کي غير تڪراري ۽ صاف و شفاف بڻايو وڃي  نه ته ٻي صورت ۾ عام چونڊن کانپوءِ  وري به ڌانڌلين جا الزام لڳندا ۽ انهيَ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اڳ جيان وري به عوام جا بنيادي مسئلا انهن سياسي تڪرارن ھيٺ دٻجي ويندا ۽ ھڪ چونڊيل حڪومت لاءِ  پڻ پنهنجو پنج سالن واري اقتدار جو مدو پورو ڪرڻ ڏکيو بڻجي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.