سوشل ميڊيا وسيلي مطالعي ۽ ڪتاب پڙهڻ ۾ فرق آهي:شاگرد

ڪراچي (رپورٽر) ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ساليانو انٽرنيشنل بڪ فيئر جاري آهي، ڪتابي ميلي جي ڪالهه چوٿين ڏينهن به ماڻهن جي  پيهه رهي،ميلي جي منتظمين موجب هن ڀيري ميلي ۾ رڪارڊ ٽوڙ تعداد ۾ ماڻهن ڪتابن جي خريداري ڪئي آهي. خاص ڪري نوجوانن وڏي تعداد ۾ ڪتاب خريد ڪيا آهن.آچر ڏينهن به سنڌ جي اطلاعات، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاه بوڪ فيئر جو دورو ڪيو ۽ ڪتابن جي اسٽالن جو معائنو ڪيو.ڄاڻايل ڪتابي ميلي ۾ سڄي ملڪ مان پبلشرن خانگي توڙي سرڪاري اشاعتي ادارن حصو ورتو آهي . سومر ڏينهن (اڄ) ان ميلي جو آخري ڏينهن آهي. ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو ته ڪتابن جي وڪري مان هو مڪمل مطئمن آهن ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سوشل ميڊيا جو ڪتاب پڙهڻ جي رجحان تي ڪو خاص اثر نه پيو آهي. سندن چوڻ هو ته اندازن کان وڌيڪ ڪتابن جو وڪرو ٿيو آهي ۽ اهڙي قسم جا ڪتابي ميلا ملڪ جي هر شهر ۾ لڳڻ گهرجن.نويده نالي يونيورسٽي جي هڪ شاگردياڻي جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا وسيلي مطالعو ڪرڻ ۽ ڪتاب کڻي پڙهڻ ۾ فرق آهي. ڪتاب کڻي پڙهڻ جو پنهنجو مزو آهي ۽ ان سان مواد بهتر نموني ذهن نشين ٿئي ٿو.فواد نالي ڪاليج جي هڪ شاگرد جو چوڻ هو ته هن ميلي جا ٻه فائدا آهن هڪ ته رعايتي قيمت ۾ ڪتاب ملي وڃن ٿا ٻيو اهو ته هڪ هنڌ تي ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتاب دستياب آهن. نثار خان نالي سوشل ميڊيا ايڪسپرٽ جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا شروع ۾ ڪتابن جي خريداري تي ناڪاري اثر ضرور ڇڏيا هئا پر اهي ٿورو وقت رهيا ماڻهن جو لاڙو هڪ ڀيرو وري ڪتاب پڙهڻ ڏانهن ٿي ويو آهي جنهنجو اندازو ماڻهن جي رش مان لڳائي سگهجي ٿو.هن چيو ته سوشل ميڊيا جي دنيا ۾ حقيقت گهٽ ۽ مفروضه ۽ هٿ ٺوڪيون ڪهاڻيون گهڻيون آهن جيڪي ناقابل اعتبار آهن.هن چيو ته سوشل ميڊيا هڪ طاقتور ميڊيم آهي پر ان جا گهڻا پاسا ڪمزور معلوم ٿين ٿا.

ڪراچي ۾ عالمي ڪتاب ميلو، شرڪت ڪندڙن اڳوڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر ) پاڪستان پبلشرز اينڊ بڪ سيلرز ايسوسيئيسن پارنا ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ پنجن ڏينهن واري 18هين عالمي  ڪتاب ميلي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ شهرين اچڻ جا اڳوڻا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. هڪ اندازي موجب ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهن عالمي ڪتاب ميلي ۾ شرڪت ڪئي. ڪراچي عالمي ڪتاب ميلي جو آخري اڄ آخري ڏينهن آهي. عالمي ڪتاب ميلي ۾ سياسي، مذهبي، علمي، ادبي، وڪيلن، ججن سميت ۽ ٻين شخصيتن جي اچڻ جو سلسلو جاري رهيو. ڪراچي عالمي ڪتاب ميلي ۾ 1 لک 40 هزار کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. عالمي ڪتاب ميلي ۾ ايندر شهرن جو چوڻ هو ته عالمي ڪتاب ميلي جو هڪ فائدو هي به آهي ته هتي سستي ۽ هر شعبي سان لاڳاپيل ڪتابون ملي رهيون آهن ۽ ٻارڙن جا ڪتاب پڻ ملن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.