5 هزار نه ڏيڻ تان پٽ ماءُ کي قتل ڪرڻ بعد سوٽ ڪيس ۾ وجهي ڦٽو ڪري ڇڏيو

ڀارت ۾ هڪ وحشي ڱپٽ 5 هزار رپين لاءِ ماءُ کي قتل ڪري سندس لاش سوٽ ڪيس ۾ وجهي ڦٽو ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو ڀارتي رياست اترپرديش جي ضلعي حصار ۾ پيش آيو جتي هڪ پٽ پنهنجي ماءُ کان 5 هزار رپيا گھريا.
پوليس پاران ٻڌايو ويو آهي ته ماءُ پٽ کي 5 هزار ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي ڏند چڪ به ٿيا ۽ معاملو ايترو وڌي ويو جو پٽ ماءُ کي گھٽو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ سندس لاش لڪائڻ لاءِ ان کي سوٽ ڪيس ۾ وجهي ڇڏيو.
پوليس موجب پٽ سوٽ ڪيس کڻي ٽرين ۾ ويهي ٻي رياست آنڌرا پرديش جي علائقي سنگم ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.

خاتون کی شناخت پرتیما دیوی کے نام سے ہوئی ہے اور وہ کاٹن کی فیکٹری میں کام کرتی تھی: پولیس/ فائل فوٹو
پوليس ٻڌايو ته معمول موجب گشت دوران پوليس کي هڪ سوٽ ڪيس مليو جنهن کي کولي ڏٺو ويو ته ان ۾ لاش موجود هو.
پوليس موجب لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويو ۽ موت جو سبب ڄاڻڻ کان پوءِ ڪارروائي ڪئي وئي ۽ حصار پوليس کي آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته پوليس پاران عورت جي مڙس ۽ ڌيءَ کي به اطلاع ڏنو ويو.
پوليس ٻڌايو ته عورت جي سڃاڻپ پرتيما ديوي جي نالي سان ٿي جيڪا ڪاٽن فيڪٽري ۾ ڪم ڪندي هئي جڏهن ته پٽ جي سڃاڻپ همانشو جي نالي سان ٿي جنهن جي عمر 21 سال آهي.
پوليس موجب پوليس ڪارروائي ڪندي همانشو خلاف ڪيس داخل ڪيو ۽ کيس گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.