هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا،بنگلاديشي وزيراعظم کان استعيفٰي جو مطالبو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديشي راڄڌاني ڍاڪا ۾ اپوزيشن جماعتن جي ڪال تي هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، وزيراعظم حسينا واجد خلاف نعريبازي ڪندي حڪومت کان مستعفي ٿيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
بنگلاديش ۾ اپوزيشن جماعت بنگلاديش نيشنل پارٽي (بي اين پي) اڳ ئي 7 جنوري تي ٿيندڙ چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري چڪي آهي.
اپوزيشن جماعت مطالبو ڪيو آهي ته 7 جنوري تي ٿيندڙ چونڊون نگران حڪومت جي سربراهي ۾ ڪرايون وڃن.
بنگلاديش ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد پنجون ڀيرو وزيراعظم جي اميدوار آهي، جڏهن ته هوءَ 2009ع کان وزيراعظم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.