ليبيا ۾ غير قانوني پناهگيرن جي ٻيڙي اونڌي،61 ڄڻا ٻڏي ويا

طرابلس (ويب ڊيسڪ) ليبيا ۾ غير قانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 61 ڄڻا ٻڏي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻيڙي تي سوال 86 کان وڌيڪ مسافرن مان 25 ڄڻن کي زندهه بچايو ويو جڏهن ته گم ٿيلن کي فوت قرار ڏنو ويو آهي.
پناهگيرن بابت عالمي تنظيم (آءِ او ايم) موجب بچي ويندڙ ماڻهن ٻڌايو ته ٻيڙي ليبيا جي اتر اولهه واري سامونڊي پٽي کان روانو ٿي هئي، ٻيڙي ۾ سوار گھڻن ماڻهن جو واسطو نائيجيريا، گيمبيا ۽ ٻين آفريقي ملڪن سان هو.
آءِ او ايم موجب ليبيا ۾ ٻڏي ويل ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن ۾ ٻارڙا ۽ عورتون به شامل هئا،بچايل ماڻهن کي حراسي مرڪز منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي.
آءِ او ايم جي ترجمان فلاويو ڊي گيا ڪومو موجب هلندڙ سال ميڊيٽرينين مائگرينٽس روٽ تي 2250 کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجون حياتيون وڃايون، اهو انگ ٻڌائي ٿو ته بدقسمتي سان هيل تائين سمنڊ ۾ حياتيون بچائڻ لاءِ کنيل قدم اڻپورا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.