شديد طوفان جهازن کي به لوڏي ڇڏيو، 13 ڄڻا فوت

بيونس آئرس (ويب ڊيسڪ) ارجنٽينا ۾ شديد طوفان دوران هوا ايتري ته تيز هلي جو ايئرپورٽ تي بيٺل جهاز به پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا.
ارجنٽائن ۾ طوفان دوران 13 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، مختلف شهرن ۾ انتهائي تيز هوائون گهلي رهيون آهن، جنهن سبب بجلي سميت مواصلاتي نظام کي نقصان پهتو ۽ شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ٻڌايو ويو آهي ته طوفان گذريل ڏينهن بيونس آئرس کان 400 ڪلو ميٽر پري بندرگاهه سان ٽڪرايو هو، جتي هوائن جي رفتار 86 ميل في ڪلاڪ رڪارڊ ڪئي وئي، ان دوران ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون اڏي ويون، جڏهن ته بيونس آئرس ايئرپورٽ تي بيٺل جهاز به پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.