فري لانسرز لاءِ 10 بهترين ملڪ

ڇا اوهان فري لانسر آهيو يا ڪنهن ڪمپني لاءِ ورڪ فرام هوم ڪري رهيا آهيو،ڇا اوهان ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ٿيڻ پسند ڪندئو؟
جيڪڏهن ها ته 2024ع لاءِ اهڙن 10 ملڪن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي جيڪي ان حواليسان بهترين قرار ڏئي سگھجن ٿا.
واضح رهي ته روڪ فرام هوم گھڻن ماڻهن جي زندگي جو معمول بڻجندو پيو وڃي يعني آفيس وڃڻ جي ضرورت ناهي رهي، تنهنڪري اهي پنهنجي ڪم سان گڏ دنيا ڏسڻ جي به ڪوشش رهيا آهن.
اهڙن ماڻهن لاءِ ڊجيٽل نوماڊ جي اصطلاح استعمال ڪئي ويندي آهي.
ويزا گائڊڊ ڊاٽ ورلڊ نالي آن لائين اداري پاران ڊجيٽل نوماڊ ويزا انڊيڪس جاري ڪيو ويو آهي.
ان لسٽ جي تياري لاءِ ويزا جي سولي دستيابي، انٽرنيٽ اسپيڊ، ٽيڪس پاليسيون، اميدوارن جي گھٽ ۾ گھٽ آمدني جو شرط، طرز زندگي جا خرچ، صحت ۽ سياحت جهڙن شعبن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي.
لسٽ ۾ 2024ع ۾ ڊجيٽل نوماڊز لاءِ يورپي ملڪ اسپين کي بهترين قرار ڏنو ويو آهي.
واضح رهي ته 2023ع جي شروع ۾ اسپين پاران ڊجيٽل نوماڊ ويزا پروگرام متعارف ڪرايو ويو هو.
اها ويزا حاصل ڪرڻ جي خواهشمندن لاءِ شرط هيٺ بيان ڪجن ٿا.
1-خواهشمند ماڻهن جو واسطو يورپ کان ٻاهرين ملڪن سان هجڻ گھرجي.
2-فري لانسر هجن يا اسپين کان ٻاهر ڪم ڪندڙ ڪنهن به ڪمپني ۾ ملامت ڪري رهيا هجن.
3-گذريل 5 سالن دوران اسپين يا ڪٿي ٻئي هنڌ ڏوهاري رڪارڊ نه هجي.
4-ڪنهن اهڙي ڪمپني جو هيلٿ انشورنس هجڻ ضروري آهي جيڪي اسپين ۾ به ڪم ڪري رهيون هجن.
5- پنهنجي شعبي لاءِ ڪواليفائيڊ هجن، جنهن لاءِ يونيورسٽي جي ڊگري يا ڪم جي تجربي کي ثبوت طور پيش ڪرڻو پوندو.
6-ويزا پروگرام لاءِدرخواست ڏيندڙ فرد کي ورڪ هسٽري جو ثبوت فراهم ڪرڻو پوندو، فري لانسرز کي 3 مهينن دوران ڪنهن غير ملڪي ڪمپني سان پيشيوراڻي واسطي کي ثابت ڪرڻو پوندو.
7-درخواست گذار وٽ ايترو سرمايوهجڻ ضروري هوندو جو اسپين ۾ سندس ترسڻ لاءِمعاون هجي، سندس گھٽ ۾ گھٽ ماهوار آمندي 2750 ڊالرز هجڻ گھرجي.
ڊجيٽل نوماڊ پنهنجي خاندان کي به اسپين وٺي اچي سگھن ٿا پر پوءِ ماهوار آمدني 3750 ڊالرز هجڻ ضروري هوندو.
لسٽ ۾ اسپين کان پوءِ ٻيو نمبر ارجنٽينا جي حصي ۾ آيو.
ان ڏکڻ آمريڪيملڪ جي پروگرام تحت ماڻهو 6 مهينن جي ڊجيٽل نوماڊ ويزا حاصل ڪري سگھن ٿا جنهن ۾ وڌيڪ هڪ سال جي واڌ به ممڪن آهي.
ارجنٽينا کان پوءِ رومانيا، گڏيل عرب امارتون ۽ ڪروشيا ترتيبوار ٽئين کان پنجين نمبر تي رهيا.
پرتال کي ڇهون، يوروگئي ستون، مالٽا کي اٺون،ناروي کي نائون ۽ انڊورا کي ڏهون بهترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.