سرڪاري ملازمن لاءِ بُري خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سرڪاري ملازمن لاءِ بُري خبر آهي ته اسلام آباد ۾ انهن جي موڪلن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن جي موڪلن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ تعليم کاتي جي آفيسرن کي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
ڊي سي اسلام آباد ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر طور قدم کڻندي تعليمي ادارن ۾ اسٽاف جي موڪلن تي پابندي هڻي ڇڏي ۽ ان حوالي سان ڊي جي فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن کي خط لکيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب عام چونڊن تائين ڪنهن به تعليمي اداري جي سرڪاري ملازم کي موڪل جي اجازت نه هوندي، فيڊرل ايجوڪيشن ملازم سياري جي موڪلن دوران به تعليمي ادارن ۾ حاضر رهندا پر ميٽرنٽي ۽ ميڊيڪل ليو وٺي سگهبي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.