ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي بلديه گلشن غازي ۾ تيز رفتار واٽر ٽئنڪر ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري گهر ۾ گهڙي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اقبال اسپتال ڀرسان تيز رفتار واٽر ٽئنڪر بي قابو ٿي گهر ۾ ڪاهي پيو، حادثي ۾ هڪ شخص فوت ۽ ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو.
پوليس موجب تيز رفتاري سبب واٽر ٽئنڪر ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري ويو ۽ ڀت ڀڃندي گهر ۾ داخل ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ ستل هڪ شخص فوت ٿي ويو ۽ ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال پهچايو ويو.
پوليس ٻڌايو ته فوتي شخص جي سڃاڻپ عامر پٽ توفيق جي نالي سان ٿي، سندس ڀاءُ نصير، 13 ورهين جي راحيله ۽ ٻن ورهين جي مناهل زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.
Prev Post
You might also like