پاڪستان حڪومت جو سڀاڻي ملڪ ۾ قومي سوڳ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان حڪومت ڪويتي امير شيخ نواف الاحمد الصباح جي لاڏاڻي تي سڀاڻي ملڪ ۾ قومي سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
گذريل ڏينهن ڪويت جو حڪمران شيخ نواف الاحمد الصباح 86 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.
ڪويتي ڪابينا شيخ نواف الاحمد الصباح جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي 40 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته ڪويت جا سمورا سرڪاري ۽ نجي ادارا 3 ڏينهن بند رهندا.
هاڻ پاڪستان حڪومت به ڪويتي امير جي لاڏاڻي تي سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.
ڪابينا سيڪريٽريٽ قومي سوڳ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب نگران وزيراعظم ڪويت جي شاهي خاندان، عوام سان يڪجهتي لاءِ هڪ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.