بنگلاديش انڊر 19 ايشيا ڪپ کٽي ورتو

دبئي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي ٽيم انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ يو اي اي کي 195 رنسن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
دبئي ۾ ٿيل انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ بنگلاديش جي ٽيم پهريان کيڏندي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 282 رنسون ٺاهيون، عاشق الرحمان 129 رنسن جي اننگز کيڏي، رضوان 60 ۽ عارف الاسلام 50 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ يو اي اي جي سموري ٽيم 25هين اوور ۾ 87 رنسن تي ڍير ٿي وئي، بنگلاديش جي روهانت ۽ معروف 3-3، جڏهن ته اقبال حسين ۽ شيخ پرويز 2-2 وڪيٽون ورتيون.
واضح رهي ته سيمي فائنل ۾ يو اي اي جي ٽيم پاڪستان کي ۽ بنگلاديش جي ٽيم ڀارت کي شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.