شادي لاءِ نئين بدران پراڻي شيرواني، شهري فيشن هائوس خلاف عدالت پهچي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ شادي جي تقريب لاءِ پراڻي شيرواني ڏيڻ تي شهري عدالت پهچي ويو.
شهري عثمان شبير نئين شيرواني جا پئسا وٺي پراڻي شيرواني ڏيڻ تي فيشن هائوس جي مالڪ کي 5 لک رپين جي ڏنڊ جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو.
نوٽيس موجب شهري 8 سيپٽمبر تي فيشن هائوس کي نئين شيرواني جي تياري جو آرڊر ڏنو، فيشن هائوس جي مالڪ نئين شيرواني تيار ڪرڻ لاءِ 20 هزار رپيا گهريا، ايڊوانس جي مد ۾ 15 هزار رپيا ورتا ويا.
نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته فيشن هائوس جي مالڪ نئين بدران پراڻي شيرواني ڏئي ڇڏي، جيڪا پنجاب ڪنزيومر پروٽيڪشن ايڪٽ 2005 جي ڀڃڪڙي آهي.
شهري جي درخواست تي ڊسٽرڪٽ ڪنزيومر ڪورٽ فيشن هائوس جي مالڪ کي نوٽيس جاري ڪندي 2 جنوري تي طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.