پشاور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي ۽ سندس پٽ احمد سعيد ڪاظمي ملاقات ڪئي.
پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ نيئر بخاري، مخدوم احمد محمود ۽ عبدالقادر شاهين به موجود هئا.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته آصف زرداري سان ملاقات کانپوءِ حامد سعيد ڪاظمي ۽ سندس پٽ احمد سعيد پ پ ۾ شامل ٿي ويا.
واضح رهي ته حامد سعيد ڪاظمي يوسف رضا گيلاني جي ڪابينا ۾ مذهبي معاملن وارو وزير رهيو، هو 14 نومبر 2008 کان 14 ڊسمبر 2010 تائين وفاقي وزير رهيو.
You might also like