اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن ۽ ملازمن جي موڪلن تي پابندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن ۽ ملازمن جي موڪلن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ووٽ داخل ڪرڻ، خارج ڪرڻ، تبديلي ۽ درستگي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن ته آفيسرن ۽ ملازمن جي موڪلن تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جون ريجنل آفيسون ووٽر لسٽن ۽ ٻئي سامان جي فراهمي لاءِ کليل رهنديون، جڏهن ته صوبن ۽ وفاق ۾ سرڪاري ملازمن جي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.