ٻار ڄڻيو نه ته! ايلون مسڪ جو اٽلي جي مائرن کان مطالبو

روم (ويب ڊيسڪ) دنيا جي امير ترين شخصيتن مان هڪ ايلون مسڪ اٽلي ۾ گھٽ ڄم جي گھٽ شرح تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته لڏ پلاڻ سبب وڌندڙ آبادي اصل آبادي ناهي. مقامي آبادي اوهان جو نسل هلائيندي آهي.
ٽيسلا جي مالڪ ايلون مسڪ اٽلي جي مائرن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هنن وڌ کان وڌ ٻار نه ڄڻيا ته سندن نسل ختم ٿي ويندو ۽ اصل اطالوي ڳولڻ سان به نه ملندا.
ايلون مسڪ اطالوي وزيراعظم جارجيا ميلوني هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اٽلي جي ڄم جي گھٽ شرح سيڙپڪارن کي روڪي سگھي ٿي.
هن خبردار ڪيوته اصل آبادي اها هوندي آهي جيڪا مقامي هجي. لڏ پلاڻ ڪري اٽلي ۾ آباد ٿيندڙ وارث ناهن. اطالينکي پنهنجو نسل بچائڻ لاءِوڌ کان وڌ ٻار پيدا ڪرڻا پوندا.
سندس چوڻ هو لڏ پلاڻ ڪري ايندڙن جي حق ۾ آهي ۽سڀني ملڪن کي گھرجي ته اهي ايماندار ۽ محنتي ماڻهن کي ڀليڪار ڪن ڀلي اهي ڪنهن به ملڪ کان اچي رهيا هجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.