”واپسيءَ جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا ۽ ڪنهن به ٽيم کي هارائي سگهون ٿا“

پرٿ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر محمد حفيظ چيو آهي ته اڳ به سٺا آپشن موجود هئا ۽ اڳتي به آهن پر هڪ ميچ جي ڪارڪردگي تي فيصلو نٿو ڪري سگهجي.
پرٿ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد حفيظ چيو ته پاڪستان جي بيٽنگ يونٽ سٺو پرفارم نه ڪيو، سينيئر رانديگرن جو مطلب اهو ناهي ته رڳو اهي ئي پرفارمنس ڏيندا، شاهين آفريدي ۽ بابر اعظم ئي رڳو سٺي ڪارڪردگي جا ذميوار ناهن.
هن چيو ته پاڪستان ٽيم واپسي جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، قومي ٽيم ڪنهن به ڪنڊيشن ۾ ڪنهن به ٽيم کي هارائي سگهي ٿي، اڳ به آپشن موجود هئا ۽ هاڻ به آهن پر رڳو هڪ ميچ جي ڪارڪردگي تي فيصلو نٿا ڪري سگهون، وڌيڪ فيصلو سڊني جي ڪنڊيشن ۽ پچ ڏسي ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.