آمريڪا ۾ ڪورونا وري ڪَرُ کڻڻ لڳو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ڪورونا جي مريضن جي انگ ۾ وري تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ ان نئين لهر مختلف رياستن کي ڪرسمس ۾ عوامي ميڙاڪن کي نظر ۾ رکندي پابندين بابت غور ڪرڻ تي مجبورڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب ڪورونا جي تازي لهر مان سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيليفورنيا رياست ٿي آهي. هلندڙ مهيني جي پهرين هفتي ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا هئا جنهن ۾ وڌيڪ تيزي اچي وئي آهي.
آمريڪا جي صحت کاتي چيو آهي ته ڪيليفورنيا ۾ ڪورونا جي نون ڪيسن جي انگ ۾ گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو واڌ ٿي آهي جڏهن ته فلو جا مريض انهن کانسواءِ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.