انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪيه ۾ ٿيل هڪ انوکي واقعي ۾ عاش ڪار سان پنهنجي ئي محبوبه کي غلطي سان ٽڪر هڻي ڪڍيو ۽ ادراڪ ٿيڻ تي ورڪشاف ۾ مرمت لاءِ بيٺل پنهنجي ڪار کي باهه ڏئي ڇڏيو جنهن سان پورو ورڪشاپ سڙي ويو.
عرب ميڊيا موجب ترڪيه ۾ ڪاوڙيل شخص پنهنجي مرمت لاءِ آيل ڪار ڏسڻ لاءِ پهتو جتي هن پهريان ڪار کي لتون هنيون ۽ ان تي به ڪاوڙ ختم نه ٿيس ته ڪار کي باهه ڏئي ڇڏيائين.
ڪار ۾ لڳل باهه ڏسندي ئي ڏسندي ورڪشاف ۾ بيٺل ٻين ڪارن کي به پنهنجي وڪڙو ۾ وٺي ڇڏيو۽ ڪيتريون گاڏيون سڙي رک ٿي ويون جڏهن ته ورڪشاپ کي به نقصان پهتو.
ورڪشاپ جي مالڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته ڄاڻايل شخص ڪجهه ڏينهن اڳ آيو هو پنهنجي ڪار مرمت لاءِ ڏئي ويو هو. ان شخص جي هڪ حادثي ۾ ٽٽل هئي.
اڄ جڏهن هو ورڪشاپ تي آيو ته شديد ڪاوڙ ۾ هو ۽ چئي رهيو هو ۽ ٻڌايو ته هن جي ڪار سان ٽڪر ڪنهن ٻئي نه پر پنهنجي محبوبه جي گاڏي کي هنيو هو جنهن جي ڪري هوءَ اسپتال ۾ داخل آهي.
ورڪشاپ ملڪ موجب اهو ٻڌائي اهو شخص ڪاوڙ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ ڪار کي سزا جي طور تي باهه ڏئي ڇڏيائين.
پنهنجي ڪار کان پلاند وٺڻ جو اهو طريقو عاشق کي 2 ملين ترڪ ليرا ۾ پئجي ويو ڇو جو ورڪشاپ مالڪ جي بقول هن جو ٿيل نقصان 69 هزار ڊالرآهي. پوليس ان شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
You might also like