ڪئناڊا لکين ماڻهن کي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اونٽاريو (ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا لکين غيرقانوني پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان فيصلي سان لکين پناهگيرن سوڌو ٻين ماڻهن کي به فائدو ملندو.
ڪئناڊا جي اميگريشن بابت وفاقي وزير مارڪ ملر اعلان ڪيو آهي ته ڪئناڊا ۾ قانوني دستاويزن کانسواءِ رهندڙ ماڻهن کي مستقل رهائشي ڪارڊ جاري ڪيا ويندا ۽ اهڙيءَ طرح کين قانوني حيثيت ملي ويندي.
ان فيصلي سان لکين پناهگيرن سميت انهن ماڻهن کي به فائدو ٿيندو جن جون ورڪ پرمٽس يا انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس ويزا جو مدو ختم ٿي چڪو آهي.
ڪئناڊا ۾ قانوني دستاويزن کانسواءِ 3 لک کان 6 لک ماڻه ورهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.