شيخ مشعل الاحمد الصباح ڪويت جو نئون امير مقرر

ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪويت جي ولي عهد شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ڪويت جو نئون امير مقرر ٿي ويو.
ڪويتي ميڊيا موجب ڪويتي ڪابينا 83 ورهين جي شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح کي نئون امير مقرر ڪيو آهي.
ڪويتي ڪابينا شيخ نواف الاحمد جي وفات تي گھري ڏک جو اظهار ڪندي 40 ڏينهن سوڳ جو به اعلان ڪيو آهي، ان کانسواءِ ملڪ جا سمورا سرڪاري ادارا ٽن ڏينهن تائين بند رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.