سي ٽي ڊي جا ڪيترائي اهلڪار ڊپريشن جو شڪار نڪتا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس جي 489 آفيسرن ۽ اهلڪارن جو طبي معائنو ڪيو ويو، جن مان 33 اهلڪار ڊپريشن جو شڪار نڪتا.
اسلام آباد ڪيپيٽل پوليس موجب آءِ سي سي پي او ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان جي حڪمن تي سي ٽي ڊي اهلڪارن جي نفسياتي سروي ڪئي وئي، سروي هڪ مهيني ۾ مڪمل ٿي، جنهن سان خبر پئي ته 33 اهلڪار ڊپريشن جو شڪار آهن، جڏهن ته 4 اهلڪارن کي ڪائونسلنگ جي ضرورت آهي.
سي ٽي ڊي اهلڪارن جون نفسياتي حالتون ڄاڻڻ لاءِ لکت امتحان عالمي معيار موجب ڊيزائن ڪيو ويو، ذهني دٻاءَ جي شڪار اهلڪارن کي فوري طور علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ترجمان موجب اهلڪارن کي آسان ڊيوٽين تي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻن مريضن کي اسپتال پهچايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.