اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي چترال ۾ هڪ آمريڪي شهري ڪشميري مارخور جو شڪار ڪيو آهي.
ان شڪار لاءِ اجازت جي ٻولي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻولي هئي، جيمز مل مين ان اجازت نامي لاءِ سڀ کان وڏي ٻولي ڏني هئي، ان جي ماليت ٻه لک 32 هزار آمريڪي ڊالر (ساڍا 6 ڪروڙ رپيا) هئي.
شروعاتي طور ٻولي جي رقم ٻه لک 12 هزار ڊالر هئي، جيڪا ٽيڪس شامل ڪري ٻه لک 32 هزار آمريڪي ڊالرن تائين پهتي.
چترال جي جهنگلي جيوت کاتي جي ڊي ايف او فاروق نبي موجب شڪار ڪيل مارخور جي عمر 9 سال 6 مهينا آهي، ان جانور جو توشي شاشا ڪميونٽي گيم ريزرو ۾ آمريڪي شڪاري ڊيرن جيمز مل مين شڪار ڪيو، شڪار ڪيل وڏي نر مارخور جي سڱن جي سائز 45 انچ هئي.
آمريڪي شهري ان شڪار لاءِ پرمٽ هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ ٻولي ۾ حاصل ڪئي هئي.
Next Post
You might also like