ڪويتي امير لاڏاڻو ڪري ويو، سوڳ جو اعلان

ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪويت جو امير شيخ نواف الاحمد الصباح 86 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڪويب جي سرڪاري ميڊيا پاران شيخ نواف الاحمد الصباح جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي وئي آهي.

گذريل مهيني ڪويتي امير کي بيماري سبب اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو پر ان کان پوءِ سندس حالت بابت ڪجهه به نه ٻڌايو ويو هو.

سرڪاري ميڊيا موجب شيخ نواف الاحمد الصباح مارچ 2021ع ۾ به هڪ غير واضح بيماري جي علاج لاءِ آمريڪا جو دورو ڪيو هو.

شيخ نواف الاحمد الصباح 2020ع۾ شيخ صباح الاحمد الصباح جي لاڏاڻي کان پوءِ ڪويت جو امير بڻيو هو.

شیخ نواف الاحمد الصباح کی عمر 86 برس تھی اور یہ 2020 میں کویت کے امیر بنے تھے۔ فوٹو فائل

ڪويتي ڪابينا شيخ نواف الاحمد جي وفات تي گھري ڏک جو اظهار ڪندي 40 ڏينهن سوڳ جو به اعلان ڪيو آهي، ان کانسواءِ ملڪ جا سمورا سرڪاري ادارا ٽن ڏينهن تائين بند رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.