لائيو پرفارمنس دوران گلوڪار جو اوچتو موت،وڊيو وائرل

برازيليا (ويب ڊيسڪ) برازيلين گلوڪار پيڊرو هنريڪ جو لائيو پرفارمنس دوران اوچتو موت ٿي ويو جنهن جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 30 ورهين جي گلوڪار پيڊرو هنريڪ جي اوچتي موت جو افسوس جوڳو واقعو 13 ڊسمبر تي لائيو پرفارمنس دوران پيش آيو، هو لائيو ڪانسرٽ ۾ مداحن لاءِ گيت ڳائي رهيو ته اوچتو کيس دل جو دورو پيو ۽ هو اسٽيج تي ئي ڪري پيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دل جو دورو پوڻ سبب اسٽيج تي ئي گلوڪار جو موت ٿي ويو هو پر کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي ڊاڪٽرن معائنو ڪري سندس موت جي تصديق ڪئي هئي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Suilan Barreto (@suillanbarreto)


گلوڪار جي اوچتي موت سبب سندس زال ۽ گھرڀاتي شديد صدمي ۾ آهن جڏهن ته گلوڪار جي مداحن ۽ ساٿي موسيقارن پاران به هن جي موت گھري ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.