نگران وزيرن کي هٽائڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر، وزيراعظم کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان شفاف چونڊن لاءِ نگران وفاقي وزيرن کي هٽائڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.
درخواستگذار مبينا جانبدار وزيرن کي نگران وفاقي ڪابينا مان هٽائڻ جي اپيل ڪئي آهي.
اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، نگران وزير فواد حسن فواد ۽ صلاحڪار احد چيما کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن درخواستگذار کي به نوٽيس جاري ڪيو ۽ درخواست تي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.