ايران:ٿاڻي تي هٿياربندن جو حملو، 11 اهلڪار مارجي ويا ڪيترائي زخمي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي ڏکڻ اولهندي علائقي راسڪ ٽائون ۾ هٿياربندن ٿاڻي تي حملو ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ 11 اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب اهو حملو سيستان بلوچستان صوبي ۾ سرگرم عليحدگي پسند گروپ ڪيو. پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترائي ئي حملو ڪندڙ به مارجي ويا.
ايران جي صوبي سيستان بلوچستان جي نائب گورنر علي رضا مرحمتي حملي جي ذميواري جيش العدل نالي عليحدگي پسند جماعت تي مڙهيندي ٻڌايو ته ٿاڻي تي حملي ۾ سينيئر پوليس
آفيسر ۽ سپاهي مارجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.