گوگل ڪروم ۾ وڏي تبديلي جو اعلان

گوگل ڪروم ۾ آخرڪار انفيچر جو اضافو ڪيو پيو وڃي جيڪو ويب سائيٽس پاران واهپيدارن جي آن لائين سرگرمين جي ٽريڪنگ کي ناممڪن بڻائيندو.
گوگل ڪرم ۾ ويب سائيٽس کي ٿرڊ پارٽي ڪوڪيز استعمال ڪرڻ کان روڪڻ جو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.
ويب سائيٽس پاران ٿرڊ پارٽي ڪوڪيز کي استعمال ڪري ماڻهن جي آن لائين روين کي ٽريڪ ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي بنياد تي اشتهار ڏيکاريا ويندا آهن.
گوگل جي پرائويسي سينڊ باڪس پراجيڪٽ جي سربراهه انٿوني شاويز ٻڌايو ته شروع ۾ ڪمپيوٽر ۽ اينڊرائڊ فونز جي هڪ سيڪڙو واهپيدارن لاءِ ڪروم ۾ ٿرڊ پارٽي
ڪوڪيز کي بلاڪ ڪيو ويندو.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته 2024ع جي آخر تائين سڀني ڪروم واهپيدارن کي اهو تحفظ فراهم ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.