شوڪت صديقي برطرفي ڪيس ۾ اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه فيض حميد کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي برطرف ڪيل جج شوڪت عزيز صديقي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي الزامن تي جواب طلب ڪري ورتو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت صديقي آڪٽوبر 2018 ۾ راولپنڊي بار سان خطاب دوران آءِ ايس آءِ جي ان وقت جي سربراهه فيض حميد تي عدالتي ڪم ۾ مداخلت جا الزام هنيا هئا.
جج طور نامناسب رويو اختيار ڪرڻ تي کيس آئين جي آرٽيڪل 209 تحت سپريم جڊيشل ڪائونسل جي سفارشن تي جڊيشل آفيس مان هٽايو ويو هو، جنهن کانپوءِ شوڪت صديقي پنهنجي برطرفي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي.
ان ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ڪري رهي آهي، ٻين ميمبرن ۾ جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس عرفان سعادت خان شامل آهن.
ڪيس جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ ۽ يوٽيوب چئنل تي سڌي ريت نشر ڪئي وئي.
جمعي تي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس هڪ موقعي تي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ان ڪيس ۾ عدالت ڪنهن به ڌر لاءِ عدالتي سسٽم جي استعمال جي اجازت نه ڏيندي، گڏوگڏ هن چيو ته هن درخواست جا نتيجا به هوندا.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته شوڪت صديقي جي عمر 62 ورهين کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي ۽ هو اڃا تائين بحال ناهي ٿي سگهيو پر سندس پٽيشن جو مقصد پينشن جي بحالي آهي ته اهو ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.