سڄي دنيا ۾ ٻارن کي اي سگريٽس جي ڄار ۾ ڦاسايو پيو وڃي:صحت جو عالمي ادارو

صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ٻارن کي اي سگريٽ جي ڄار ۾ ڦاسايو پيو وڃي.
صحت جي عالمي اداري موجب سوشل ميڊيا ذريعي ٻارن جو ڌيان اي سگريٽس ڏانهن ڇڪيو پيو وڃي ۽ اي سگريٽس جي استعمال سان ٻار نڪوٽين جا عادي ٿي رهيا آهن.
صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته اي سگريٽس جي 16 هزار کان وڌيڪ فليورز جي مارڪيٽنگ ڪئي پئي وڃي، ٻارن کي اي سگريٽس جو عادي بڻجڻ کان بچائڻ لاءِ فوري
قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اي سگريٽس سان سگريٽ ڇڏڻ ۾ ڪا به مدد ناهي ملي رهي.
ڊبليو ايڇ او موجب دنيا جي 88 ملڪن ۾ اي سگريٽس جي وڪري لاءِ عمر جا ڪا به حد مقرر ناهي جڏهن ته دنيا جي 74 ملڪن ۾ اي سگريٽس بابت ڪو به قانون موجود ناهي.
صحت جي عالمي اداري اي سگريٽس جي نقصانن جي حوالي سان ٻڌايو ته اي سگريٽس به ڪينسر،دل،ڦڦڙن ۽ دماغي مرضن جو سبب بڻجي رهيا آهن ۽ اي سگريٽس جي وڪري
کي روڪڻ لاءِ سخت قانون سازي ۽ عملدرآمد جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.