ڏينهن جو ڪهڙو وقت آفيس جي ڪمن لاءِ بدترين هوندو آهي؟

ڇا منجهند جي ماني کائڻ کان پوءِ اوهان کي عجيب سستي ۽ ننڊ اچڻ لڳندي آهي ۽ اکيون کُليل رکڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي؟
جيڪڏهن ها ته ائين رڳو اوهان سان ئي ناهي ٿيندو پر سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهن کي ان جو تجربو ٿيندو آهي.
حقيقت ۾ ڏينهن جو اهو وقت 9 کان 5 تائين ملازمت ڪندڙن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت لاءِ بدترين هوندو آهي.
اها دلچسپ دعويٰ هڪ نئين عالمي سروي ۾ سامهون آئي آهي.
سيلز فورس ۽ Qualtrics جي ان سروي ۾ آفيس جو ڪم ڪندڙ 71 سيڪڙو ماڻهن اعتراف ڪيو ته 3 کان 6 بجي جو وقت ڪم ڪرڻ لاءِ بدترين هوندو آهي.
هنن ٻڌايو ته اهو اُهو وقت هوندو آهي جڏهن سندن ڪم ڪرڻ جي صلاحيت سستيءِ ۽ ننڊ اچڻ جي ڪري متاثر ٿيندي آهي.
ان سروي ۾ 10 هزار کان وڌيڪ آفيس جي ملازمن کي شامل ڪيو ويو هو.
ٻيپهري يا ٽيپهري جو طاري ٿيندڙ ان سستي ۽ ننڊ اچڻ جي احساس جا مختلف سبب هوندا آهن.
هڪ سبب ته اسان جي جسم جي اندروني گھڙي هوندي آهي جنهن جا فعل 2 کان 5 وڳي جي دوران نمايان حد تائين گھٽجي ويندا آهن.
محققن موجب اهو ڏينهن جو اُهو وقت هوندو آهي جڏهن اسان صبح جيان فعال ناهيون هوندا.
ان کان اڳ به تحقيقي رپورٽس ۾ ان بابت ٻڌايو ويو آهي.
رپورٽس موجب اسان جي جسم جي اندر هڪ اهڙي قدرتي گھڙي آهي جيڪا اسان کي ڏينهن جي 24 ڪلاڪن دوران سستي يا ٿڪ جو احساس ڏياريندي آهي.
يعني رات جو ننڊ لاءِ هوريا هوريان ٿڪ طاري ٿيندو آهي جڏهن ته ڏينهن جو اسان وڌيڪ چست هوندا آهيون، پر ان گھڙي جي نتيجي ۾ منجهند جو 1 کان 4 وڳي تائين (هر فرد ۾ اهو
وقت مختلف ٿي سگھي ٿو) دوران ننڊ اچڻ جو احساس ۽ سستي ٿيندي آهي.
ڪجهه رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪورٽيسول نالي هارمون جي سطح ۾ اضافي ۽ گھٽتائي سان ٻيپهري جو ننڊ جو احساس ٿيندو آهي جڏهن ته جسماني توانائي ۾ به گھٽتائي ايندي
آهي.
اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اوهان جي ننڊ جو وقت 7 کان 9 ڪلاڪ ناهي ته ان احساس تي حيران ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، ڇو جو ناڪافي ننڊ جي نتيجي ۾ اسان جي جسم لاءِ پورو
ڏينهن جاڳڻ ڏکيو هوندو آهي.
ڪيترائي ڀيرا اسان جي خوراڪ به ان حوالي سان ڪردار ادا ڪندي آهي.
جيڪڏهن اوهان جي منجهند جي ماني ۾ ڪاربوهائڊريٽس ۽ کنڊ جو مقدار وڌيڪ هوندو ته بلڊ شگر جي سطح ۾ اضافو ٿيندو آهي.
بلڊ شگر جي سطح وڌڻ سان رت ۾ وڏي مقدار ۾ انسولين خارج ٿيندي آهي جنهن سان بلڊ شگر جي سطح تيزي سان گھٽبي آهي.
ان عمل جي نتيجي ۾ اوهان کي ٿَڪُ ۽ ننڊ اچڻ جو احساس ٿيڻ لڳندو آهي.
جيڪڏهن اوهان گھٽ پاڻي پيئدا آهيو ته جسم ۾ پاڻي جي کوٽ سان جسماني جيوگھرڙا سسي ويندا آهن.
جنهن جي نتيجي ۾ منجهند جو ٿَڪُ ۽ ڌيان ڏيڻ ۾ ناڪامي جهڙي ڪيفيت کي منهن ڏنو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.