لاهور هاءِ ڪورٽ جو منع نامو، اليڪشن ڪميشن ۽ سياسي جماعتن جو ڌر بڻجڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ مختلف سياسي جماعتن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ڌر بڻجڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ن ليگ، پ پ، ق ليگ ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي به لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ڌر بڻجڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته عام چونڊون وقت تي يقيني بڻائڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي، ن ليگ لاهور هاءِ ڪورٽ جي آر اوز بابت فيصلي خلاف لارجر بئنچ ۾ ڌر بڻجندي.
هوڏانهن پ پ جي پڌرائيءَ موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري فوري طور تي پٽيشن فائل ڪري ڌر بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ٻئي پاسي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس اعجاز الاحسن به شريڪ هئا، ان کانسواءِ اٽارني جنرل منصور عثمان به ملاقات ۾ شريڪ ٿيو.
ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر چيف جسٽس جي دعوت تي سپريم ڪورٽ آيو ۽ هن ججن کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي منع نامي کان آگاهه ڪيو.
هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان لاهور ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته 8 فيبروري تي چونڊن جي فيصلي موجب اليڪشن ڪميشن کي اڄ يا سڀاڻي تائين شيڊيول جاري ڪرڻو پوندو ۽ چونڊ شيڊيول 54 ڏينهن جو هوندو آهي، چونڊ شيڊيول موجب پهريون ڏينهن 17 ڊسمبر ۽ 8 فيبروري 54هون ڏينهن ٿئي ٿو.
ياد رهي ته تحريڪ انصاف عام چونڊن لاءِ بيورو ڪريسي جون خدمتون وٺڻ جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، عدالت عاليا گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن جو چونڊن لاءِ بيورو ڪريسي جون خدمتون وٺڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ان معاملي تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ به جوڙي آهي، جيڪا 18 ڊسمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.