”والاريل ڪشمير بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو جوتي هيٺان رکون ٿا“

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان والاريل ڪشمير جي حوالي سان ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو جوتي هيٺان رکون ٿا.
آزاد ڪشمير جي تخت گاهه مظفر آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته والاريل ڪشمير واسين کي اسان پاڪستاني شهري سمجهون ٿا، پنهنجي شهرين جي حقن جي پامالي ڪنهن صورت ۾ ٿيڻ نه ڏينداسين.
هن چيو جتي ڪارروائي جي ضرورت هوندي ته ڪنداسين، ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو جوتي هيٺان رکون ٿا، ڪا به عدالت ڪمشيرين جي مستقبل جو فيصلو نٿي ڪري سگهي، ڪشمير نه ڀارت جو حصو هو ۽ نه ٿيندو، ماڻهن کي مايوس ۽ نااميد نه ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو هڪ طرفو قدم پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو، ڀارتي سپريم ڪورٽ زميني حقيقتن کي نظرانداز ڪيو آهي، ڀارت پنهنجي حد ۾ رهي، ان کي پار نه ڪري، جلد اسلام آباد ۾ ٻيهر اجلاس ٿيندو، تحريڪ کي ڪيئن هٿي ڏيڻي آهي ان تي ڳالهائبو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.