مورو:زميني تڪرار تان زرداري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،ٻن ڀائرن سوڌو ٽي ڄڻا قتل

مورو (رپورٽ:شاهنواز ڀٽي) مورو ڀرسان زميني تڪرار تان زرداري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي 2 سڳن ڀائرن سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ دنبير ۾ زرداري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جا ٻه ڀائر غلام نبي عرف ونجھو زرداري ۽ قاسم زرداري جڏهن ته ٻي ڌر جو ارشاد عرف بگو زرداري مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
واقعي جي اطلاع تي پوليس پوليس پهچي مقتولن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو،ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
جهيڙي سبب علائقي ۾ انڌا ڌند فائرن جو سلسلو جاري رهيو پوليس ۽ رينجرز پهچي جهيڙي تي ضابطو آندو.
آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري ٿي سگھي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.