جسماني سُور لاءِ هيءَ دوا نه خريد ڪيو، ڊريپ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسماني سور جي غير معياري دوا مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڊريپ سور جي علاج جي دوا جا 3 بيچ غير معياري قرار ڏئي ڇڏيا.
ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي مان ڊولر ڊي ايس سيرپ جو پراڊڪٽ ري ڪال الرٽ جاري ٿيو آهي، سينٽرل ڊرگ ليب ڪراچي ڊولر ڊي ايس جا 3 بيچ غير معياري قرار ڏئي ڇڏيا آهن.
ڊريپ جو چوڻ آهي ته ڊولر ڊي ايس ميفينيمڪ ايسڊ سان تيار ڪيل جسماني سور جي علاج جي دوا آهي، جنهن جا بيچ 1236، 1237 ۽ 1238 غير معياري نڪتا آهن، سيرپ ۾ سوڊيم سائٽريٽ جو گهربل مقدار شامل ناهي.
ڊريپ خبردار ڪيو آهي ته غير معياري ڊولر ڊي ايس سسپينشن جو استعمال ري ايڪشن ڪري سگهي ٿو، بخار، جسم ۾ سور، شديد ڪمزوري ٿي سگهي ٿي، ڳلي جي سوڄ ۽ اکين ۾ تڪليف ٿي سگهي ٿي، جسم تي چُٽا ۽ زخم به اچي سگهن ٿا.
ڊولر ڊي ايس سسپينشن سيرپ آدم جي فارما ڪراچي جو تيار ڪيل آهي، ڪمپني کي ڊولر سيرپ جا متاثر بيچ مارڪيٽ ۾ سپلاءِ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ڊريپ ڪمپني کي ڊولر سيرپ جا متاثر بيچ مارڪيٽ مان کڻڻ جي به هدايت ڪئي آهي.
فارميسين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي ڊولر سيپ جي متاثر بيچن جي سيل روڪڻ لاءِ اسٽاڪ چيڪ ڪن، ڪيمسٽ به متاثر بيچ فارما ڪمپني کي واپس موڪلين ۽ ڊاڪٽر مريضن کي ڊولر ڊي ايس سيرپ جا متاثر بيچ استعمال نه ڪرائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.