اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تيل ڪمپنين جو مقامي پيٽرول ۽ ڊيزل استعمال نه ڪرڻ جو معاملو سامهون اچڻ تي اوگرا تيل ڪمپنين کي مقامي تيل استعمال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
اوگرا اٽڪ ريفائنري تان گهربل مقدار ۾ تيل نه کڻڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته تيل جو گهٽ مقدار کڻڻ سان اٽڪ ريفائرني جي بندش جو خدشو پيدا ٿي سگهي ٿو.
اٽڪ ريفائنري ذريعن موجب اوگرا هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون اٽڪ ريفائنري تان گهربل مقدار ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل کڻن ۽ مقامي ريفائنرين تان پيٽرول ۽ ڊيزل کڻي ذخيري کي برقرار رکيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ اٽڪ ريفائنري تيل جي کپت گهٽ ڄاڻائيندي ٻه پروسيسنگ پلانٽ بند ڪري چڪي آهي، وقت سر قدم نه کنيا ويا ته ريفائنري کي مڪمل طور بند ڪرڻو پئجي سگهي ٿو.
ذريعن موجب ڪمپنيون مقامي تيل بدران درآمدي تيل استعمال ڪري رهيون آهن، جيڪا پيٽروليم رولز جي ڀڃڪڙي آهي ۽ درآمدي تيل استعمال ڪرڻ سان درآمدي بل وڌي رهيو آهي.
You might also like