پاڪستان جي چيني آٽو موبائل ڪمپنين کي وڏي آڇ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) واپار واري نگران وزير چيني آٽو موبائل ڪمپنين کي پاڪستان ۾ جوائنٽ وينچرز شروع ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي ۽ چيو ته چين جو آٽو موبائل سيڪٽر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهي ٿو.
واپار واري نگران وزير گوهر اعجاز چين جي دوري ۾ چيني آٽو موبائل سيڪٽر کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪري ڇڏي.
گوهر اعجاز چيو ته چيني آٽو موبائل ڪمپنين کي پاڪستان ۾ جوائنٽ وينچرز شروع ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي، چين جو آٽو موبائل سيڪٽر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهي ٿو.
واپار واري وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته پاڪستان اليڪٽرڪ وهيڪلز ۾ سيڙپڪاري کي وڌائي رهيو آهي، واپار واري نگران وزير کي چين جي اليڪٽرڪ ڪارز مينوفيڪچرنگ پلانٽس جو دورو ڪرايو ويو.
گوهر اعجاز چيو ته چين جون اليڪٽرڪ وهيڪلز ڪمپنيون پاڪستان ۾ جوائنٽ وينچرز شروع ڪن، اليڪٽرڪ وهيڪلز مينوفيڪچرنگ جي خاص اقتصادي زونز ۾ حوصلا افزائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.