آمريڪي صدر خلاف مواخذي جي جاچ جي باضابطا منظوري

واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ايوان جي نمائندن آمريڪي صدر جو بائيڊن خلاف پنهنجي پٽ هنٽر بائيڊن جي ڪاروبار مان فائدو وٺڻ جي الزام هيٺ مواخذي جي جاچ جي باظابطا منظوري ڇڏي ڏئي ڇڏي.
ايوان ۾ ووٽنگ دوران جوبائيڊن جَي مواخذي واري ٺهراءَ جَي حق ۾ 221 ۽ مخالفت ۾ 212 ووٽ پيا.
هنٽر بائيڊن ايوان جِي ڪميٽي آڏڳو بند ڪمري ۾ پيشي کان انڪار ڪندي عوام جَي سامهون پيش ٿيڻ تي زور ڏئي چڪو آهي.
آمريڪي صدر جو بائيڊن ان قدم کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته رِي پبلڪنز ضروري قدمن بدران بي بنياد ڳالهين تي وقت زيان ڪري رهيا آهن،رِي پبلڪن ميمبرز پاڻ تسليم ڪري چڪا آهن ته هنن وٽ ثبوت موجود نه آهن تنهنڪري ايوان جو اِهو قدم بي بنياد آهي.
رِي پبلڪنز جو الزام آهي ته هنٽر بائيڊن يوڪرين ۽ چين ۾ ڪاروبار ڪيو ۽ پرڏيهي ڪاروباري شخصيتن کي اُن وقت جَي نائب صدر جوبائيڊن تائين پهچ جِي خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.