پرٿ ٽيسٽ، وارنر جي سينچري، آسٽريليا 5 وڪيٽن تي 346 رنسون ٺاهي ورتيون

پرٿ (ويب ڊيسڪ) پرٿ ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن آسٽريليا ڊيوڊ وارنر جي شاندار سينچري جي مدد سان پاڪستان خلاف 5 وڪيٽن جي نقصان تي 346 رنسون ٺاهي ورتيون.
پرٿ ۾ آسٽريلوي ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڊيوڊ وارنر شروع کان ئي جارحاڻي راند کيڏي، هن 211 بالن تي 164 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ 4 ڇڪا ۽ 16 چوڪا شامل هئا.
ان کانسواءِ عثمان خواجا 41، مارنس لبوشين 16، اسٽيو سمٿ 31 ۽ ٽريوس هيڊ 40 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
پاڪستان طرفان ڊيبيو ڪندڙ عامر جمال ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاهين آفريدي، فهيم اشرف ۽ خرم شهزاد هڪ – هڪ شڪار ڪيو.
پهرئين ڏينهن آسٽريليا 84 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 346 رنسون ٺاهيون ته راند ختم ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو، ايليڪس ڪيري 14 ۽ مچل مارش 15 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ٽيم ۾ ڪپتان شان مسعود، امام الحق، عبدالله شفيق، بابر اعظم، سعود شڪيل، سرفراز احمد، سلمان علي آغا، فهيم اشرف، شاهين آفريدي، عامر جمال ۽ خرم شهزاد شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.