ڀيڻ عافيه صديقي جي حياتي خطري ۾ آهي:ڊاڪٽر فوزيه

ڪراچي: آمريڪا جي جيل ۾ قيد پاڪستاني ڊاڪٽر عافيا صديقي جي ڀيڻ فوزيا صديقي چيو آهي ته عافيا صديقي جي حياتي خطري ۾ آهي.
فوزيا صديقي ڀيڻ عافيه صديقي سان آمريڪا ۾ ملاقات ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي پهتي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فوزيا صديقي جو چوڻ هو ته عافيا صديقي جي جسم تي پهريان کان وڌيڪ زخم هئا،ملاقات کي مختصر رکيو ويو، 8 ڪلاڪن جي دوري دوران رڳو رڳو 3 ڪلاڪ ملاقات ٿي.
سندس چوڻ هو ته هُن جَي وڪيل ٻڌايو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي سان تمام خراب ورتاءُ ڪيو پيو وڃي کيس ڀيڻ کي ڏسي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.