ڪراچي: مالڪ طرفان گهر خالي ڪرڻ جو چوڻ تي جوڙي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهر خالي ڪرائڻ تي مسواڙ تي رهندڙ زال مڙس پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ ٻنهي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ڪورنگي سئو ڪوارٽر سي ايريا ۾ زال مڙس گهر جي مالڪ طرفان گهر خالي ڪرڻ جي مطالبي تي آپگهات جي ڪوشش ڪئي.
واقعي ۾ سڙندڙ عورت ۽ سندس مڙس کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، جتي سندن علاج هلندڙ آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب مسواڙ تي رهندڙ جوڙي خراب معاشي حالتن سبب انتهائي قدم کنيو.
علائقي واسين موجب مالڪ ڪرايو نه ڏيڻ تي گهر خالي ڪرڻ جو چيو هو، جڏهن ته پوليس گهر جي مالڪ کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
هوڏانهن زال سان گڏ آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ شخص جي ماءُ چيو آهي ته پٽ نشو ڪندو هو، ٻه ڏينهن اڳ پوليس کيس پڪڙي وئي هئي ۽ پڇا ڳاڇا کانپوءِ ڇڏي ڏنو هو، جنهن تي مالڪ کين گهر خالي ڪرڻ جو چيو.
ماءُ موجب مان گهر ڳولڻ نڪتي هيس ته پاڙي وارن واقعي بابت ٻڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.