اڳوڻو ايم اين اي بجلي چوري ۾ ملوث نڪتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب سان واسطو رکندڙ تحريڪ انصاف جو اڳوڻو ايم اين اي به بجلي چوري ۾ ملوث نڪتو.
چوڪ اعظم ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عبدالمجيد نيازي خلاف بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر موجب عبدالمجيد نيازي گهر ۾ ڊائريڪٽ ڪنڊو لڳائي بجلي چوري ۾ ملوث نڪتو آهي.
واضح رهي ته مجيد نيازي 9 مئي جي پرتشدد واقعن کانپوءِ روپوش آهي.
ان کان اڳ لاهور ۾ ن ليگ جي اڳوڻي اسيمبلي ميمبر رخسانه ڪوثر بجلي چوري ۾ پڪڙي وئي هئي.
ليسڪو رخسانه ڪوثر خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، جڏهن ته ان تي 5 لک 75 هزار رپيا ڏنڊ به هنيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.