عوام لاءِ رليف، گيهه ۽ تيل سستو ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوٽيليٽي اسٽورن تي گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي اگهن ۾ لاٿ ڪئي وئي آهي.
يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ترجمان موجب مشهور برانڊن جي گيهه جي قيمت ۾ 17 رپيا في ڪلو لاٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪوڪنگ آئل جي قيمت ۾ 37 رپين کان 42 رپين تائين في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته يوٽيليٽي اسٽورن تي گيهه 482 رپيا ۽ ڪوڪنگ آئل 470 کان 422 رپيا في ليٽر ملي رهيو آهي، جڏهن ته برانڊڊ ڪوڪنگ آئل 518 رپيا في ليٽر فراهم ڪيو ويندو.
يوٽيليٽي اسٽورن تي نوان اگهه فوري طور لاڳو ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.