اوٻاوڙو: ڌاڙيلن هٿان وڌيڪ ٻه ڄڻا اغوا

اوٻاوڙو (ويب ڊيسڪ) اوٻاوڙ ڀرسان ڪچي جي علائقي مان ڌاڙيلن ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو.
ڌاڙيل ڪم ڪرڻ جي بهاني سان گھرائي پنجاب جي علائقي ڪوٽ سبزل واسي آصف آرائين ۽ واحد بخش کي اغوا ڪري کڻي ويا.
ڌاڙيلن مغوين جي وارثن کي فون ڪري سندن آزادي لاءِ ڀنگ طلب ڪيو آهي.
مغوين جي وارثن جو چوڻ هو ته هو غريب ۽ مسڪين آهن، سندن وٽ بازياب ڪرائڻ لاءِ ايتري رقم ناهي.
پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جو اطلاع مليو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.
هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي ته مغوين کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.